رائيس ڪئنال

رائيس ڪئنال

رائيس ڪئنال

رائيس ڪئنال

رائيس ڪئنال

رائيس ڪئنال

رائيس ڪئنال

رائيس ڪئنال: رائيس ڪئنال سکر بئراج کان ساڄي طرف سنڌو نديءَ مان سکر شهر کان نڪري ٿو. رائيس ڪئنال جي ڊيگهه 81 ميل آهي. ريماڊلنگ ٿيڻ کانپوءِ هاڻي ان مان 22549 ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ٿئي ٿو. رائيس ڪئنال صرف خريف جي موسم ۾ وهندو آهي، يعني مئي مهيني کان آڪٽوبر مهيني تائين Non-Perenial Canal آهي. رائيس ڪئنال سنڌو درياهه سکر مان نڪري رڪ-مديجي، نئين ديري، ماهوٽا، لاڙڪاڻي، باڊهه، راڌڻ وليج کان اچي دادو ضلعي ۾ ختم ٿئي ٿو. رائيس ڪئنال تي ڪجهه ڪراس ريگيوليٽر آهن، جتان هن مان ڪجهه واهه نڪرن ٿا، جن ۾: (1) آر. ڊي-83 رڪ ڪامپليڪس، (2) نئون ديرو ڪـراس ريگيوليٽر آر. ڊي -190.34، (3) ماهوٽا ڪراس ريگيوليٽر آر. ڊي-235، (4) لاهوري ڪراس ريگيوليٽر لاڙڪاڻو آر.ڊي-255، (5) ارٿر ڪراس ريگيوليٽر گهريلو آر.ڊي-310، (6) موندر ڪراس ريگيوليٽر موئن جو دڙو ريلوي اسٽيشن آر.ڊي-340، (7) ڌامراهه ڪراس ريگيوليٽر باڊهه آر.ڊي-372، (8) رائيس ٽيل ڪراس ريگيوليٽر راڌڻ وليج ضلع دادو.
آر. ڊي-83 رڪ ڪامپليڪس کان رائيس ڪئنال مان ساڄي طرف واهه نڪري ٿو، جيڪو هن ڪئنال مان صرف خريف جي موسم ۾ وهندو آهي. وارهه واهه ربيع جي موسم ۾ نارٿ ويسٽرن ڪئنال مان وهندو آهي، يعني وارهه بئراج ٻنهي ڪئنالن مان وهندو آهي. رائيس ڪئنال تي خريف جو فصل 88 سيڪڙو ٿيندو آهي.
1. مير واهه: مير واهه رائيس ڪئنال مان آر. ڊي-190.34 ڪراس ريگيوليٽر کان ساڄي طرف نڪري ٿو. مير واهه جي ڊيگهه 11.2 ميل ڊسچارج 343 ڪيوسڪس آهي. هن واهه تي 19889 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي، مير واهه مان 75 واهه نڪرن ٿا، جڏهن ته سعدو شاخ پڻ هن واهه مان آر.ڊي-2 کاٻي طرف نڪري ٿي. هن شاخ جي ڊيگهه 10 ميل ڊسچارج 54.5 ڪيوسڪس آهي. سعدو شاخ تي 7027 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي، هن مان 45 واهه نڪرن ٿا.
2. هيرا واهه: هيرا واهه رائيس ڪئنال مان آر.ڊي-226 ساڄي طرف کان نڪري ٿو. هن واهه جي ڊيگهه 7 ميل ڊسچارج 157.2 ڪيوسڪس آهي. هيرا واهه تي 7162 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي، هن مان 41 واهه نڪرن ٿا. هن واهه مان ڪنگا مائينر آر. ڊي-30 کاٻي طرف کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 1.5 ميل ڊسچارج 21 ڪيوسڪس آهي. ڪنگا مائينر مان 7 واهه نڪرن ٿا.
3. شاهه همير شاخ: شاهه همير شاخ رائيس ڪئنال مان ڪراس ريگيوليٽر آر.ڊي-235 کان ساڄي طرف نڪري ٿو. هن واهه جي ڊيگهه 15.5 ميل ڊسچارج 423 ڪيوسڪس آهي. هن واهه تي 13921 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. شاهه همير واهه مان 93 ننڍا واهه نڪرن ٿا.
ان کان سواءِ هن شاخ مان مختلف مائينرون پڻ نڪرن ٿيون:
(1) فتح پور مائينر آر. ڊي-6 وغيره. هن شاخ جي ڊيگهه 1.24 ميل، ڊسچارج 22.2 ڪيوسڪس آهي. فتح پور مائينر تي 1168 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 6 واهه نڪرن ٿا.
(2) ڇٽو مائينر آر.ڊي-37، شاهه همير شاخ جي ساڄي طرف کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 4 ميل، ڊسچارج 65.6 ڪيوسڪس آهي، ڇٽو مائينر تي 2976 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 26 واهه نڪرن ٿا.
(3) چانڊيا مائينر آر.ڊي-57 شاهه همير شاخ جي کاٻي طرف کان نڪري ٿي، چانڊيا مائينر جي ڊيگهه 4.33 ميل، ڊسچارج 57 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 3392 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. چانڊيا مائينر مان 20 واهه نڪرن ٿا.
دودائي مائينر: دودائي مائينر رائيس ڪئنال مان آر. ڊي-244 ساڄي طرف کان نڪري ٿي. هن شاخ جي ڊيگهه 2.24 ميل، ڊسچارج 31.6 ڪيوسڪس آهي. هن شاخ تي 1580 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. دودائي شاخ مان 12 واهه نڪرن ٿا.
وليد مائينر: وليد مائينر رائيس ڪئنال مان آر.ڊي-254 ساڄي طرف کان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 1.36 ميل، ڊسچارج 9.2 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 564 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. وليد مائينر تي 7 واهه آهن. (هن وقت هي مائينر بند آهي).
گهاڙ واهه: گهاڙ واهه رائيس ڪئنال مان لاڙڪاڻي شهر کان آر.ڊي-255 لاهوري ڪراس ريگيوليٽر وٽان نڪري ٿو. گهاڙ واهه جي ڊيگهه 23 ميل، ڊسچارج 3283 ڪيوسڪس آهي. هن واهه تي 26772 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. گهاڙ واهه مان 110 واهه نڪرن ٿا. هن ڪراس ريگيوليٽر کان پوءِ گهاڙ واهه پراڻي گهاڙ واهه مان وهي ٿو. گهاڙ واهه مان هيٺيون شاخون پڻ نڪرن ٿيون:
(1) گهاڙي مائينر؛ گهاڙ واهه مان آر.ڊي-25 کاٻي طرف کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 2.6 ميل آهي. ڊسچارج 24.8 ڪيوسڪس اٿس. هن مائينر تي 1561 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. گهاڙي مائينر مان 13 واهه نڪرن ٿا.
(2) گهاڙي شاخ گهاڙ واهه مان آر.ڊي-31 کان کاٻي طرف نڪري ٿي. هن شاخ جي ڊيگهه 8.0 ميل ڊسچارج 122.6 ڪيوسڪس آهي. هن شاخ تي 6696 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. گهاڙي شاخ مان 46 واهه نڪرن ٿا.
(3) ڪور ڏاتو شاخ گهاڙ واهه مان آر.ڊي-34 کان کاٻي طرف نڪري ٿي. هن شاخ جي ڊيگهه 11 ميل، ڊسچارج 220.8 ڪيوسڪس آهي. هن تي 13281 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. ڪور ڏاتو برانچ مان 70 واهه نڪرن ٿا.
(4) دوآبو شاخ گهاڙ واهه مان آر.ڊي-71 کان نڪري ٿي. هن شاخ جي ڊيگهه 3.8 ميل، ڊسچارج 54.87 ڪيوسڪس آهي. هن شاخ تي 2860 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن شاخ مان 72 واهه نڪرن ٿا.
(5) نور واهه، گهاڙ واهه مان آر. ڊي-51 کان نڪري ٿو. هن واهه جي ڊيگهه 12 ميل، ڊسچارج 798.8 ڪيوسڪس آهي. نور واهه تي 17271 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. نور واهه مان 74 واهه نڪرن ٿا. نور واهه سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي گهاڙ واهه مان ڪڍرايو هو. نور واهه مان هيٺيان مائينر ۽ واهه نڪرن ٿا:
حاصلا مائينر: حاصلا مائينر نور واهه مان آر.ڊي-10 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 7 ميل، ڊسچارج 116.30 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 6174 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 41 واهه نڪرن ٿا.
ڪلر مائينر: ڪلر مائينر نور واهه مان آر.ڊي-24 کان نڪري ٿي. ڪلر مائينر جي ڊيگهه 6.2 ميل آهي، ڊسچارج 133.30 ڪيوسڪ اٿس. هن مائينر تي 7323 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 43 واهه نڪرن ٿا.
نور مائينر: نور مائينر نور واهه مان آر.ڊي-25 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 5 ميل، ڊسچارج 77.40 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 3991 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 20 واهه نڪرن ٿا.
ڪنڊو مائينر: ڪنڊو مائينر نور/مائنر مان آر.ڊي-12.0 مان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 1.6 ميل ڊسچارج 14.40 ڪيوسڪس آهي. هن تي 917 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. ڪنڊو مائينر مان 10 واهه نڪرن ٿا.
ڦتوهل واهه: ڦتوهل، نور واهه مان آر.ڊي-31 کان نڪري ٿو. هن جي ڊيگهه 5.4 ميل، ڊسچارج 78.80 ڪيوسڪس آهي. ڦتوهل واهه تي 4519 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 30 واهه نڪرن ٿا.
(6) آبڙي مائينر گهاڙ واهه مان آر.ڊي-70 ساڄي طرف کان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 3.0 ميل، ڊسچارج 43.3 ڪيوسڪ آهي. آبڙي مائينر تي 2370 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي، هن مان 12 واهه نڪرن ٿا.
(7) راڄ واهه، گهاڙ واهه مان آر.ڊي-73 کان نڪري ٿو. هن جي ڊيگهه 3.2 ميل، ڊسچارج 51.3 ڪيوسڪس آهي. راڄ واهه تي 12985 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 23 واهه نڪرن ٿا.
(8) ڪور متل مائينر، گهاڙ واهه مان آر.ڊي-90 کان ساڄي طرف نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 6.3 ميل، ڊسچارج 92.0 ڪيوسڪس آهي. ڪور متل مائينر تي 5172 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 33 واهه نڪرن ٿا.
(9) نصير برانچ، گهاڙ واهه مان آر.ڊي-93 کان ساڄي طرف نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 12 ميل، ڊسچارج 467 ڪيوسڪ آهي. نصير واهه تي 12916 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 63 واهه نڪرن ٿا. هن واهه کي گٺ واهه به چوندا آهن، جيڪو بئراج کان اڳ پراڻي گهاڙ واهه مان وهندو هو. هن برانچ مان هيٺيون مائينرون نڪرن ٿيون:
وڳڻ مائينر: وڳڻ مائينر، نصير برانچ مان آر.ڊي-13 کان کاٻي طرف نڪري ٿي. وڳڻ مائينر جي ڊيگهه 3.6 ميل، ڊسچارج 98.2 ڪيوسڪس آهي. هن شاخ تي 5421 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن شاخ مان 24 واهه نڪرن ٿا.
آچا مائينر: آچا مائينر، نصير واهه مان آر.ڊي-29 مان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 3.6 ميل، ڊسچارج 45.5 ڪيوسڪس آهي. آچا مائينر تي 2424 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 12 واهه نڪرن ٿا.
ڪور رتو مائينر: ڪور رتو مائينر نصير واهه مان آر.ڊي-34 کان کاٻي طرف نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 2.7 ميل، ڊسچارج 49.7 ڪيوسڪس آهي. ڪور رتو مائينر تي 1506 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 10 واهه نڪرن ٿا. هن مائينر مان وڌيڪ هڪ ٻيو سردار مائينر آر.ڊي-5 نڪري ٿو. سردار مائينر جي ڊيگهه 2.74 ميل، ڊسچارج 29.92 ڪيوسڪس آهي. سردار مائينر تي 1889 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 16 واهه نڪرن ٿا.
ڪمبائينڊ چيلو شاخ، گهاڙ واهه جي پڇڙي آر.ڊي-118 کان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 1.2 ميل، ڊسچارج 360 ڪيوسڪس آهي. هن تي 393 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 6 واهه نڪرن ٿا.
چيلو شاخ گهاڙ واهه مان پڇڙيءَ کان آر.ڊي-118 وٽان نڪري ٿو. هن جي ڊيگهه 7 ميل، ڊسچارج 170 ڪيوسڪس آهي. هن تي 6048 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 31 واهه نڪرن ٿا.
ڪور هاشم: ڪور هاشم شاخ ڪمبائينڊ چيلي واهه مان آر.ڊي-6 کان ساڄي طرف نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 8 ميل، ڊسچارج 172 ڪيوسڪس آهي. هن تي 3808 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 41 واهه نڪرن ٿا. ان کان سواءِ هن شاخ مان لنڊي مائينر آر.ڊي-31 نڪري ٿي. جنهن جي ڊيگهه 5.5 ميل، ڊسچارج 52.4 ڪيوسڪس آهي. هن تي 4782 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. لنڊي مائينر مان 32 واهه نڪرن ٿا.
ميرواهه ڪمبائينڊ چيلر واهه مان آر.ڊي-6 کان ساڄي طرف نڪري ٿو. مير واهه جي ڊيگهه 12 ميل، ڊسچارج 81.16 ڪيوسڪس آهي. ميرواهه تي 8919 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 80 واهه نڪرن ٿا.
سنهڙو چيلو واهه: سنهڙو چيلو، واهه چيلي مان آر.ڊي-35 کان نڪري ٿو. هن واهه جي ڊيگهه 7.26 ميل، ڊسچارج 72 ڪيوسڪس آهي. هن واهه تي 4187 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 26 واهه نڪرن ٿا.


لفظ رائيس ڪئنالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو